انتظار جي موسم - ڪتاب

انتظار جي موسم - ڪتاب

انتظار جي موسم

انتظار جي موسم (ڪتاب ):هي ڪتاب معصوم سانگهڙائيءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ غزل، وايون، ڪافيون، گيت، ڇهه سٽا، چؤسٽا، ٽي سٽا، بيت ۽ نظم شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ عزيز گوپانگ لکيو آهي، جڏهن ته عميق مهر ۽ بخشڻ مهراڻوي جا ويچار پڻ شامل آهن. بيڪ ٽائيٽل تي الهورايي بهڻ شاعر جو تعارف لکيو آهي، پڪي جلد ۾ ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو بيلا پبليڪيشن جهول طرفان 2004ع ۾ شايع ٿيو. 311 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو